ٽه ملڪي سيريز ۾ شرڪت لاءِ قومي ٽيم نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ پهچي وئي،
ايونٽ ۾ پاڪستان جو مقابلو نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش سان ٿيندو، قومي ٽيم پهرين ميچ 7 آڪٽوبر تي بنگلاديش ۽ 8 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندي، ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته انگلينڊ خلاف سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، اڪثر ميچز دلچسپ رهيون، جنهن سان ٽيم جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو،
سيريز سان ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ مدد ملي،
ڪپتان طور رانديگرن جا حوصلا وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن غلط فيصلا ٿي ويندا آهن.