انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرين رائونڊ ۽ سپر 12 مرحلي لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سيمي فائنل ۽ فائنل لاءِ آفيشلز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، ايونٽ ۾ ڪل 16 امپائر فرض سرانجام ڏيندا.
پاڪستان جو عليم ڊار به امپائرز جي پينل ۾ شامل آهي جڏهن ته پاڪستان جو احسن رضا به ورلڊ ڪپ لاءِ پينل جو حصو آهي.
اينڊريو پائڪرافٽ، ڪرس براڊ، ڊيوڊ بون ۽ رنجن مدوگال ميچ ريفري هوندا.