بين الاقوامي

دنيا

October 4, 2022 1:22 pm

ايران ۾ احتجاج جي حوالي سان آمريڪي صدر جو بيان سامهون اچي ويو

آمريڪي صدر جوزف بائيڊن ايران ۾ جاري احتجاج جي حوالي سان چيو آهي ته آمريڪا ايراني عورتن سان گڏ بيٺل آهي.

سومر تي وائيٽ هائوس طرفان آمريڪي صدر جو بيان جاري ڪيو ويو، جنهن موجب جو بائيڊن چيو ته کيس ايران ۾ احتجاج ۾ شامل عورتن ۽ شاگردن تي ڪريڪ ڊائون جي رپورٽن تي ڳڻتي آهي.

آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ايران اختيارين جو احتساب ڪندو رهندو ۽ عوام جي آزادانه احتجاج جي حق جي حمايت ڪندو رهندو.

ان کان اڳ سومر تي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي مهسا اميني جي موت تي ملڪ ۾ جاري احتجاج جو ذميوار اسرائيل ۽ آمريڪا کي قرار ڏنو هو.

سومر ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ايران مخالف ايجنٽ پئسا وٺي احتجاج ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته ايراني پوليس جي حراست ۾ آيل مهسا اميني 16 سيپٽمبر تي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي هئي، 22 ورهين جي مهسا اميني کي تهران ۾ حجاب نه پائڻ تي حراست ۾ ورتو ويو هو.

وڌيڪ پڙهو: