پاڪستان

October 4, 2022 1:05 pm

حڪومت جي معاشي ٽيم مڪمل طور پريشان آهي:فواد چوڌري

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت جي معاشي ٽيم مڪمل طور پريشان آهي،

هنن جي سياست دفن ٿي چڪي، مفتاح اسماعيل ۽ اسحاق ڊار جي متضاد ۽ غير ذميوار بيانن آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڌيڪ مونجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن،

ٽوئٽر تي پيغام ۾ فواد چوڌري چيو ته هيءَ حڪومت تاريخ جي بيوقوف ٽيم تي مشتمل آهي، پنهنجي ڪم جي اي بي سي به نٿا ڄاڻين، انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وزارت هڪ ڊيش بورڊ به نه ٺاهي سگهي،

اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته غريب بک وگهي مري رهيو آهي،

اقتدار جـَي بـُکين جـِي جمعي بازار لڳي پئي آهي، عمران خان جـِي لانگ مارچ اڻٽر آهي،

ان ۾ دير جي گنجائش ناهي.

وڌيڪ پڙهو: