سنڌ

October 4, 2022 12:59 pm

سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن:شرجيل انعام ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن،

هن وقت سمورو ڌيان متاثر علائقن مان پاڻيءَ جي نيڪال تي آهي، وڏو وزير روزاني جي بنياد تي آبپاشي کاتي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سان پاڻي نيڪال بابت اجلاس ڪري ٿو،

جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت تي سنڌ حڪومت اربين رپيا خرچ ڪندي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 21 هزار 950 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيون آهن،

مجموعي طور تي 12 لک 71 هزار 667 خاندان ۾ راشن بيگس ورهايون ويون، ٻوڏ متاثرن جي گهرن ڏانهن واپسي جو سلسلو جاري آهي،گهر واپس ويندڙن کي راشن ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏني پئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: