سنڌ

October 3, 2022 5:03 pm

ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ماجدا عباسي  جو قتل ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي

ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ماجدا عباسي  جو قتل ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي.

گذريل ڏينهن زال کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندڙ جوابدار زاهد حسين سولنگي عدالت ۾ 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڦري ويو.

جوابدار عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته هن پنهنجي گهرواري زاهده کي قتل ناهي ڪيو، پوليس کانئنس زبردستي بيان ڏياريو آهي.

عدالت اهڙي بيان کانپوءِ جوابدار جو 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ ڏيڻ واري استدعا رد ڪندي کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

ياد رهي ته زاهد حسين سان پسند جو پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي ماجده عباسي جو لاش 22 سيپٽمبر تي نوري آباد ويجهو مليو هو.

وڌيڪ پڙهو: