سنڌ

October 3, 2022 4:56 pm

عمران خان سان لاڏلي وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، سئو خون ڪندو تڏهن به معافي آهي،شرجيل ميمڻ

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان سان لاڏلي وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، سئو خون ڪندو تڏهن به معافي آهي، معزز عدالتن لاءِ عزت آهي پر آچر ڏينهن به ڪورٽ کلي وئي ۽ رليف ملي ويو، هر پاڪستاني کي عمران خان جهڙي سهولت ملڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ طرف وڌي رهي آهي، دبئي جي شاهي ڪٽنب جو هڪ فرد 300 گهر ٺهرائي پيو ڏئي، حڪومت جي پهرين ترجيح متاثرعلائقن مان پاڻي نيڪالي آهي.

هن چيو ته پرويز الاهي اچڻ شرط پهريون اين آر او فرح گوگي کي ڏنو ڇوته ان جون ڪڙيون عمران خان طرف وڃن ٿيون، جيڪو ڪيس ئي نه هليو.

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ شوڪت خانم اسپتال جو مڪمل آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته عمران خان ايترو صاف آهي ته پوءِ اسٽي آرڊر ڇو ورتو وڃي ٿو، ٻٽو نظام هلي رهيو آهي، لاڏلي لاءِ هڪ ۽ اسان لاءِ ٻيو نظام آهي.

وڌيڪ پڙهو: