اهم خبرون

October 3, 2022 4:52 pm

سنڌ پوليس 23 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل مڪاني چونڊن لاءِ پوليس نفري ڏيڻ کان معذرت

سنڌ پوليس 23 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل مڪاني چونڊن لاءِ پوليس نفري ڏيڻ کان معذرت ڪندي ٽن مهينن لاءِ پوئتي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

سنڌ پوليس صوبائي گهرو کاتي کي خط لکي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پوليس جي گهربل نفري فراهم ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 39 هزار پوليس اهلڪار گهربل آهن، ڪراچي پوليس وٽ 12 هزار 465 ۽ 10 هزار ٻين يونٽس جا اهلڪار موجود آهن.

خط جي متن موجب مڪاني چونڊن لاءِ 16 هزار 786 اهلڪارن جي کوٽ آهي، ٻوڏ صورتحال سبب باقي ضلعن مان اهلڪارن کي گهرائي نٿو سگهجي.

وڌيڪ پڙهو: