پاڪستان

October 3, 2022 4:50 pm

وفاقي حڪومت، پي ٽي آءِ اڳواڻ شھباز گل جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

وفاقي حڪومت، پي ٽي آءِ اڳواڻ شھباز گل جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران، بغاوت تي عوام کي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي ضمانت منظور ڪرڻ خلاف وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.

وفاقي حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شهباز گل تي بغاوت جو ڪيس آهي، ادارن خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد ھائيڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي شهباز گل جي ضمانت رد ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: