سنڌ

October 3, 2022 4:48 pm

سنڌ مان ٻن سيڪريٽرين سميت چئن ڪامورن جي پرڏيهه لاءِ موڪل منظور ڪئي وئي آهي

سنڌ مان ٻن سيڪريٽرين سميت چئن ڪامورن جي پرڏيهه لاءِ موڪل منظور ڪئي وئي آهي، چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي پاران نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا.

نوٽيفڪيشن موجب امپليمنٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي جي سيڪريٽري خالد محمود شيخ جي 10 ڏينهن جي موڪل منظور ڪئي وئي آهي، جيڪو ترڪي روانو ٿي ويو آهي.

ڪچي آبادي وارو سيڪريٽري شفيق مهيسر به خانگي معاملن لاءِ برطانيا روانو ٿيندو، جنهن جي پڻ چيف سيڪريٽري پاران 12 کان 23 آڪٽوبر تائين 15 ڏينهن موڪل منظور ڪئي وئي آهي.

ثقافت کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري ٽيپو سلطان 15 ڏينهن جي موڪل تي خانگي معاملن لاءِ ترڪي روانو ٿي ويو.

19هين گريڊ جو آفيسر فياض عباسي به پوليو اجلاس ۾ شرڪت لاءِ عمان روانو ٿي ويو، چئني ڪامورن جي موڪل وارا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وياآهن.

وڌيڪ پڙهو: