سنڌ

October 3, 2022 4:44 pm

ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿيڻ جي خدشي سبب پاڻي نيڪاسيءَ جو عمل تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون, وڏي وزير مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه، ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿيڻ جي خدشي سبب پاڻي نيڪاسيءَ جو عمل تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ شهرن ۽ زرعي زمينن مان پاڻي نيڪاسي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، انجنيئر ڪور جي برگيڊيئر نئير ۽ آبپاشي واري چيف انجنيئر شرڪت ڪئي.

اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌو درياهه ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي معمول موجب وهي رهيو آهي، منڇر ڍنڍ جي سطح 123 ڏهائي 3 آر ايل مان گهٽجي 117 ڏهائي 35 ٿي وئي آهي.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ايل ايس بند کي ٽَي گهارا ۽ ڊينسٽر، اڙل هيڊ ۽ ٽيل مان 70 هزار 30 ڪيوسڪ پاڻي نيڪري رهيو آهي، سپريو بند تي به 6 کان 7 فوٽ پاڻي گهٽ ٿيو آهي.

آبپاشي کاتي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ايف پي بند کي چکي واري هنڌ وٽان لڳل گهارو بند ڪيو ويو آهي، منڇر ڍنڍ جي آر ڊي 14 تي ڪٽ بند ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ايل بي او ڊي ۾ آر ڊي 7 ۽ آر ڊي 18 وٽان لڳل گهارا به بند ڪيا ويا آهن.

وڏي وزير چيف انجنيئر کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي پوکي لاءِ پاڻي جي نيڪاسيءَ کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ميرپورخاص ضلعي ۾ روشن آباد برج کي ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ کولڻو پوندو.

وڌيڪ پڙهو: