سنڌ

October 3, 2022 4:39 pm

پروين رند کي جنسي حراسان  ۽ تشدد واري ڪيس ۾ مک جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد

نوابشاهه  ۾ عدالت  پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي پروين رند کي جنسي حراسان  ۽ تشدد واري ڪيس ۾ مک جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي،ڪيس مک جوابدار عدالت مان کسڪي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پروين رند کي حراسان ۽ تشدد ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران  عدالت نرسنگ ڊائريڪٽر جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت  جـِي عبوري ضمانت واري درخواست رد ڪئي،جڏهن ته  جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويو آهي.

هوڏانهن دادو ۾ بليڪ ميلنگ کان تنگ ٿي مبينا طور آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر عصمت ڪيس ۾ مک جوابدار جي گهرواريءَ جي ضمانت واري درخواست رد ٿي وئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ۾ ۾ بليڪ ميلنگ کان تنگ ٿي مبينا طور آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر عصمت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت  جوابدار شمن سولنگي جي گهرواري نعيما جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: