سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جا واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا آهن.
ڪراچي جي علائقي ملير ۾ ٽينٽ سٽي ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف متاثرن احتجاجن لنڪ روڊ بند ڪري ڇڏيو.
جيڪب آباد، شهدادڪوٽ، جوهي، هالا، پٿورو، دوداپور، جوهي،ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ به ٻوڏ متاثر روڊن تي نڪري آيا.
احتجاج ڪندڙن ٻوڏ سٽيل علائقن مان پاڻي نيڪال ڪري سهولتون ڏيڻ جي گهر ڪئي.