سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ پکڙيل وبائي بيمارين وڌيڪ 6 حياتيون کسي ورتيون آهن.
جوهي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مليريا ۽ گيسٽرو سميت ٻين بيمارين وگهي 2 ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڳوٺ پير گاجي شاهه واسي 10 ورهين جو عنايت خاصخيلي، پريو جمالي واسڻ ٻارڙي آسيه جمالي ۽ ڳوٺ جمع جمالي واسي نوجوان آدم جمالي مليريا وگهي فوت ٿي ويا.
ٿاڻو بولا خان ڀرسان ڳوٺ ڪرچات ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي دعا برفت ۽ ڳوٺ ڪاپٽ ۾ عورت حسنا پالاري مليريا وگهي فوت دم ڏنو.
صالح پٽ ويجهو ڳوٺ شهباز ڏنو کورکاڻي ۾ 5 ورهين جي نينگري گيسٽرو وگهي دم ڏنو.