سنڌ هاءِ ڪورٽ، 10 لاپتا شهرين جي بازيابي بابت درخواستن تي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عدالت صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کان 6 هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ، ۾ 10 لاپتا ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
پوليس عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته لاپتا شهري امتياز ۽ عديل گهرن ۾ پهچي ويا آهن.
عدالت پوليس، رينجرز ۽ ٻين کي لاپتا شهرين جي بازيابي بابت اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪندي ايس ايس پي سينٽرل کان ايندڙ ٻڌڻيءَ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي به نوٽيس جاري ڪندي لاپتا ماڻهن بابت 6 هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.