اهم خبرون

October 3, 2022 4:26 pm

پاڪستان ريلوي ٻوڏ سبب تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر لاءِ وفاق کان528 ارب رپيا گهري ورتا

پاڪستان ريلوي ٻوڏ سبب تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر لاءِ وفاق کان528 ارب رپيا گهري ورتا، جنهن جي سمري حڪومت کي اماڻي وئي آهي.

پاڪستان ريلوي جي سمري ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ سبب ريلوي ۾ لائين ون، ٽو ۽ ٿري تي 3 هزار 187 ڪلو ميٽر ٽريڪ کي نقصان پهتو، ٻوڏسبب ريلوي جو 917 ڪلو ميٽر ٽريڪ جزوي تباهه ٿيو، تبديلي لاءِ 433 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو.

سمري موجب حيدرآباد، ميرپورخاص، کوکرا پار، وزيرآباد، سيالڪوٽ ۽ ڪوئيٽا چمن سيڪشن تي 109 ڪلو ميٽر ٽريڪ متاثر ٿيو، جڏهن ته ڪراچي، سکر، ڪوئيٽا، ملتان، لاهور، راولپنڊي، پشاور ڊويزن جي ريلوي اسٽيشنز کي جزوي نقصان پهتو، جن جي بحاليءَ لاءِ 6 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.

سمري ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ريلوي کي پنهنجي آفيسن لاءِ 3 ارب، سسٽم جي بحالي لاءِ 53 ارب ۽ مواصلاتي ٽاورز ۽ اوزارن لاءِ 6 ارب رپين جي ضرورت آهي.

وڌيڪ پڙهو: