پاڪستان

October 3, 2022 4:23 pm

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، بلوچ شاگردن کي حراسان ڪرڻ کان روڪڻ واري معاملي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، بلوچ شاگردن کي حراسان ڪرڻ کان روڪڻ واري معاملي تي سردار اختر مينگل کي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو.

عدالت بلوچ شاگردن جـِي حراسمينٽ  بابت ڪميشن جو سيڪريٽريٽ سينيٽ ۾ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

عدالت چيو آهي ته حڪومت ٽن ڏينهن ۾ اختر مينگل کي ڪميشن جو ڪنوينر مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي بلوچ شاگردن کي حراسان ڪرڻ کان روڪڻ بابت ڪميشن جي سربراهيءَ کان معذرت  ڪري ڇڏي هئي.

وڌيڪ پڙهو: