عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته ڊيل تحت حديبيه پيپر ملز جيان ايون فيلڊ ڪيس به ختم ٿي ويندو.
سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته 12 ربيع الاول کانپوءِ پاليٽڪس آف ليڪس ختم ٿي ويندي ۽ سياست گرم ٿيندي.
74وزراء کی فوج جس میں22 بےمحکمہ ویڈیوآڈیو لیکس کھیل رہی ہے۔ڈارمریم ڈیل کی قوم کوسمجھ ہے نومبر میں سب کوسمجھ آجاۓ گی۔ڈیل کےتحت حدیبیہ پیپرکی طرح ایون فیلڈ بھی ختم ہوجائےگا۔عوام کامسئلہ بجلی،گیس،آٹا،مہنگائی ہے،سائیفرنہیں۔12ربیع الاول کےبعد پالیٹکس آف لیکس ختم ہوگی اورسیاست گرم ہوگی
— Sheikh Rashid Ahmed (@ShkhRasheed) October 3, 2022
هن چيو ته اسحاق ڊار ۽ مريم نواز جي مبينا ڊيل جي قوم کي سمجهه آهي، نومبر ۾ سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندو.
شيخ رشيد چيو ته عوام جو مسئلو سائفر نه مهانگائي آهي،74 وزيرن جي فوج رڳو وڊيو ۽ آڊيو ليڪس تي کيڏي رهي آهي.