پاڪستان

October 3, 2022 4:15 pm

لاهور هاءِ ڪورٽ، مسلم ليگ ن نـُون جِي نائب صدر مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، مسلم ليگ ن نـُون جِي نائب صدر مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ڊپٽي اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته مخالف هجن ته زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو ٿا، پنهنجا هجن ته زمين تي ليٽي ٿا پئو.

چيف جسٽس امير ڀٽي جـِي سربراهي ۾ فل بينچ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جـِي پاسپورٽ واپسيءَ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ مريم نواز جو وڪيل منير اڪرم پيش ٿيا.

عدالت جي پڇاڻي تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت کي پاسپورٽ جي واپسيءَ ۾ ڪو به اعتراض ناهي، مريم نواز جي ضمانت خلاف درخواست داخل ڪرڻ جي کيس ڪا به ڄاڻ ناهي.

چيف جسٽس ڊپٽي اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته مخالف هجن ته زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو ٿا، پنهنجا هجن ته زمين تي ليٽي ٿا پئو.

مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز چيو ته جنهن ڪيس ۾ پاسپورٽ جمع ڪرايو ويو هو، اهو ڪيس ئي ختم ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته مريم نواز چئن سالن تائين انتظار ڪيو، نه ڪو ريفرنس داخل ٿيو ۽ نه ئي جاچ ڪئي وئي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ مريم نواز جي درخواست منظور ڪندي کيس پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

وڌيڪ پڙهو: