اهم خبرون

سنڌ

October 2, 2022 5:45 pm

ڄامشورو ويجهو 5 ڏينهن اڳ مڙس هٿان قتل ڪيل شاگردياڻي جو لاش دفنائڻ ۾ لاپرواهي

ڄامشورو ويجهو 5 ڏينهن اڳ مڙس هٿان قتل ڪيل شاگردياڻي جو لاش دفنائڻ ۾ لاپرواهي ڪرڻ جي الزام  هيٺ ٻن پوليس اهلڪارن مٿان ڪيس داخل  ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

نوري آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام جاکرو وٽان 26 سيپٽمبر تي لاش هٿ آيو هو، جنهن جي سڃاڻپ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ فائن آرٽ جي شاگردياڻي ماجده عباسي طور ڪئي وئي هئي.

حد جي پوليس بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي لاش دفنائي ڇڏيو هو، ايس ايس پي ڄامشورو جي حڪم تي اي ايس آءِ غلام سرور قريشي ۽ ننڍي منشي ذاڪرخلاف لاپرواهي  جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته2 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي فائن آرٽ شعبي جي آخري سال جي شاگردياڻي ماجده کي سندس مڙس زاهد سولنگي پٿر هڻي قتل ڪري لاش نوري آباد ڀرسان ڳوٺ غلام جاکرو وٽ لاش اڇلائڻ جو انڪشاف ٿيو هو، جنهن بعد پوليس  جوابدار زاهد کي گرفتار ڪري وتو هو، پوليس موجب جوابدار  ڏوه جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب جوابدار اعتراف  ڪيو آهي ته 2 سال اڳ ماجده سان پسند جو پرڻو ڪيو جو 21 جون تي سندس مائٽ وٺي ويا، کيس وٺڻ ويس ته هن مون کان طلاق گهري.

پوليس موجب جوابدار جو چوڻ آهي ته زال کي  ڪراچي وٺي وڃڻ جي بهاني موٽر سائيڪل تي سوار ڪري رستي ۾ ڌڪو ڏنو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پئي، بعد  ۾ کيس پٿر هڻي قتل ڪيو.

وڌيڪ پڙهو: