پاڪستان

October 2, 2022 5:20 pm

آرمي چيف يو اين سيڪريٽري جنرل جي فوجي صلاحڪار بيرامي ڊيوپ سينيگال سان ملاقات

آمريڪا جي دوري تي پهتل آرمي چيف يو اين سيڪريٽري جنرل جي فوجي صلاحڪار بيرامي ڊيوپ سينيگال سان ملاقات ڪري علائقائي سلامتي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب  ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ جي بدترين تباهڪارين تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

آرمي چيف بحرانن دوران گڏيل قومن جي فوجي صلاحڪار جي آفيس جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب  گڏيل قومن جي فوجي صلاحڪار پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين تي افسوس جو اظهار ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي غير معمولي ڪاميابين جو اعتراف به ڪيو.

وڌيڪ پڙهو: