بين الاقوامي

دنيا

October 2, 2022 1:52 pm

دهلي جي وڏي وزير تي ريلي ۾ بوتل اڇلائي وئي

ڀارتي رياست گجرات جي شهر راجڪوٽ ۾ دهلي جي وڏي وزير ۽ عام ماڻهو پارٽي جي سربراهه اروند ڪيجريوال تي بوتل اڇلائي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب ريلي دوران اڻڄاتل شخص اروند ڪيجريوال تي پاڻيءَ جي بوتل اڇلائي، جيڪا کيس نه لڳي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته عام ماڻهو پارٽي ان واقعي بابت پوليس ۾ ڪا به شڪايت داخل ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪو بيان جاري ڪيو آهي.

رپورٽن مطابق اروند ڪيجريوال ٻن ڏينهن جي دوري تي گجرات پهتو آهي.

وڌيڪ پڙهو: