پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ستين ۽ فيصلو ڪندڙ ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ شام لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 7 ميچن جي سيريز ٽن، ٽن تان برابر آهي، اڄوڪي ميچ جي فاتح ٽيم ٽرافي تي قبضو ڪندي.
آخري ميچ ۾ انگلينڊ جي بيٽسمينن پاڪستاني بالرن کي ڇهن ڇڪن تي ڌڪ هنيو، سالٽ صرف 17 بالن تي اڌ سينچري اسڪور ڪئي.
ذريعن موجب انگلينڊ خلاف سيريز جي اهم ميچ ۾ عالمي نمبر ون بيٽسمين محمد رضوان، فاسٽ بالر محمد حسنين ۽ حارث رئوف جي پاڪستاني ٽيم ۾ واپسي ٿيندي.
ٻئي طرف فاسٽ بالر ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ جي انگلش ٽيم ۾ واپسي جو امڪان آهي.