انڊونيشيا ۾ فٽبال ميچ دوران ڀاڄ سبب 174 ڄڻا فوت، سوين زخمي،
پرڏيهي خابرو اداري موجب انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا جي شهر مالانگ ۾ ٻن مقامي ٽيمن وچ ۾ فٽبال جي ميچ جاري هئي ته هڪ ٽيم جا حامي فٽبال گرائونڊ ۾ داخل ٿي ويا،
پوليس تماشائين کي روڪڻ لاءِ اسٽيڊيم اندر ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو،
جنهن بعد ڀاڄ پئجي وئي، فوتين ۾ پوليس آفيسر ۽ ٻارڙا به شامل، انڊونيشين صحت واري وزارت موجب اڪثر ماڻهن جو موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي.