اهم خبرون

پاڪستان

October 2, 2022 1:30 pm

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

موڪل واري ڏينهن کُليل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي 7 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور،

جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ سنگل بينچ عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي،

عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ موقف  اختيار ڪيو ته سياسي مخالف حڪومت بدنيتي تحت ڪيس داخل ڪيو آهي، ڪيس داخل ڪرڻ جو مقصد ڪرپشن خلاف پرامن تحريڪ روڪڻ آهي،

اسلام آباد جي عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ گذريل ڏينهن جڊيشل مئجسٽريٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

وڌيڪ پڙهو: