سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين وبائي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن، فوتين جو انگ ڏينهن ڏينهن وڌي رهيو آهي، اڄوڪي ڏينهن ۾ وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ميھڙ ڀرسان ايم اين وي ڊرين تي ويٺل ڳوٺ گهاڙي جاگير واسي ٻوڏ متاثر 3 ورهين جي نياڻي سويرا کوسو مليريا وگھي دم ڏنو،ايف پي بند تي ويٺل ٻوڏ متاثر 10 ورهين جو ايوب رند گيسٽرو ۽ بخار وگھي فوت ٿي ويو.
ڀان سيد آباد ويجهو ٻوڏ جي پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺ ٽپٽا پنھور ۾ 12 ورهين جو سمير پنھور مليريا وگهي فوت ٿي ويو، فريدآباد ڀرسان ڳوٺ ڪنب واسي 20 سالن جو عاشق حسين چانڊيو گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو.
قبو سعيد خان ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وگهي وڌيڪ ٻن ٻارن دم ڏئي ڇڏيو.
ڪچي پل جـَي علائقي غريب آباد واسي ٻن ورهين جو سهيل کوسو ۽ گوادر موٽروي تي ترسيل ٽن ورهين جو فهيم گاڏهي به گيسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺا، اڪري چودڳي جي ڳوٺ الله بخش شر ۾ هڪ ورهين جو ٻارڙو غلام محمد شر گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ڳوٺ بنگل زرداري ۾ 10 ورهين جي نويدان زرداري گيسٽرو سبب دم ڏئي ڇڏيو.
ٿاڻو بولا خان ڀرسان ڳوٺ تونگ واسي پيرسن سلطان لهاراڻي مليريا وگهي حياتي وڃائي ويٺو.
نوشهرو فيروز جي وارڊ 12 ۾ پيرسن غلام حيدر سولنگي مليريا سبب فوت ٿي ويو.
جوهي ويجهو ڪاڇي جي ڳوٺ نظر علي روستماڻي ۾ 4 ورهين جو ٻارڙو وهاب رستماڻي مليريا وگهي فوت ٿي ويو.