اهم خبرون

سنڌ

October 1, 2022 4:45 pm

سنڌ ۾ وبائي بيمارين وگهي  برسات ۽ ٻوڏ سٽيل متاثر مرڻ لڳا

سنڌ ۾ وبائي بيمارين وگهي  برسات ۽ ٻوڏ سٽيل متاثر مرڻ لڳا، وڌيڪ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ميھڙ ڀرسان ايم اين وي ڊرين تي ويٺل ڳوٺ گهاڙي جاگير واسي ٻوڏ متاثر 3  ورهين جي نياڻي سويرا کوسو مليريا وگھي دم ڏنو،ايف پي بند تي ويٺل ٻوڏ متاثر 10  ورهين جو ايوب رند گيسٽرو ۽ بخار وگھي فوت ٿي ويو.

قبو سعيد خان ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وگهي وڌيڪ ٻن ٻارن دم ڏئي ڇڏيو.

ڪچي پل جـَي علائقي غريب آباد واسي ٻن ورهين جو سهيل کوسو ۽ گوادر موٽروي تي ترسيل ٽن ورهين جو فهيم گاڏهي به گيسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺا، اڪري چودڳي  جي ڳوٺ الله بخش شر ۾ هڪ ورهين جو ٻارڙو غلام محمد شر گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ڳوٺ بنگل زرداري ۾ 10 ورهين جي نويدان زرداري گيسٽرو سبب دم ڏئي ڇڏيو.

ٿاڻو بولا خان ڀرسان ڳوٺ تونگ واسي پيرسن سلطان لهاراڻي مليريا وگهي حياتي وڃائي ويٺو.

نوشهرو فيروز جي وارڊ 12 ۾ پيرسن غلام حيدر سولنگي مليريا سبب فوت ٿي ويو.

جوهي ويجهو ڪاڇي جي ڳوٺ نظر علي روستماڻي ۾ 4 ورهين  جو ٻارڙو وهاب رستماڻي مليريا وگهي فوت ٿي ويو.

وڌيڪ پڙهو: