اهم خبرون

پاڪستان

October 1, 2022 4:23 pm

شهباز گل کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ کيس 6 آڪٽوبر کي عدالت سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن ڪورٽس شهباز گل خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ کيس 6 آڪٽوبر کي عدالت سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

شهباز گل ڪيس ۾ ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا جج مقرر آهي، ٻڌڻيءَ دوران شهباز گل عدالت مان غير حاضر رهيو ۽ پراسيڪيوٽر رضوان عباسي پيش ٿيو.

پوليس شهباز گل خلاف چالان سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جنهن تي ٽرائل لاءِ شهباز گل کي طلبي جو سمن جاري ڪيو ويو آهي.

عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل کي 6 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

وڌيڪ پڙهو: