پاڪستان

October 1, 2022 4:14 pm

صدر عارف علوي جنسي حراسان ڪيس ۾ پيمرا جـَي ڊائريڪٽر جنرل کي نوڪريءَ مان برطرف ڪري ڇڏيو

صدر عارف علوي جنسي حراسان ڪيس ۾ پيمرا جـَي ڊائريڪٽر جنرل کي نوڪريءَ مان برطرف ڪري ڇڏيو.

صدر عارف علوي، ڊي جي پيمرا جي برطرفي بابت وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي مٿس لاڳو ڪيل ڏنڊ 20 لک رپين مان وڌائي 25 لک ڪيو.

ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته ثابت ٿي ويو عورت ملازم کي ناجائز مطالبن لاءِ حراسان ڪيو ويو، عورتن لاءِ محفوظ ماحول بڻائڻ لاءِ اهڙي قسم جا قدم کڻڻ ضروري آهن.

صدر وڌيڪ چيو آهي ته حراسمينٽ جي ڊپ کان عورتن جي دٻجي ويندڙ اقتصادي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ لاءِ اهڙي قسم جا قدم کڻڻ تمام ضروري آهن.

وڌيڪ پڙهو: