دادو ۾ اسپتال انتظاميه پاران ايمبولينس نه ڏيڻ تي عورت فوت ٿيڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.
ڊسپينسر زاهد حسين پاران فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي.چ
عدالت درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اسپتال جي سول سرجن ۽ ڪلارڪ کي 4 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي.
درخواستگذار ڊسپينسر زاهد سولنگي درخواست ۾ ڄاڻايو ته امڙ کي سول اسپتال کان سيوهڻ اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ،سول سرجن ۽ ڪلارڪ ايمبولينس فراهم نه ڪئي جنهن سبب سندس امڙ فوت ٿي وئي..