اهم خبرون

پاڪستان

October 1, 2022 2:39 pm

عمران خان اسلام آباد جـِي عورت ايڊيشنل سيشن جج کان غير مشروط معافي نه ورتي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اسلام آباد جـِي عورت ايڊيشنل سيشن جج کي ڌمڪيون ڏيڻ تي غير مشروط معافي نه ورتي، توهين عدالت ڪيس ۾ ٻن صفحن تي ٻڌل نئون حلفيه بيان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، عمران خان جو چوڻ آهي ته گذريل ٻڌڻيءَ تي عدالت کي جيڪو ڪجهه چيو، ان تي مڪمل عمل ڪندس، عدالت پنهنجي اطمينان لاءِ وڌيڪ جيڪو ڪجهه چوندي، اهو به ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، احساس ٿيو ته 20 آگسٽ واري تقرير ۾ ريڊ لائن ڪراس ڪئي، تقرير ۾ جج کي ڌمڪي ڏيڻ جو ارادو نه هو، جج صاحبه سمجهي ٿي ته کيس ڌمڪي ڏني آهي ته معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان، پنهنجي بيان ۾ ايڪشن وٺڻ جو مقصد رڳو قانوني ڪارروائي ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه هو، گذريل ڏينهن عمران خان عورت جج زيبا چوڌري کان معافي وٺڻ لاءِ سندس عدالت پهتو هو پر هوءَ موجود نه هئي.

وڌيڪ پڙهو: