اڄ دنيا جي اڀرندڙ طاقت چين جو 73 هون قومي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پهرين آڪٽوبر 1949ع تي عوامي جمهوريه چين جي قيام جو اعلان ڪيو ويو، هي ڏينهن چين ۾ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ٿو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيني سفارتخاني چيو ته سچو دوست ڏکي وقت ۾ ڪم ايندو آهي، چيني حڪومت، فوج ۽ ٻيا ملڪ ٻوڏ جي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهن.
چيني سفارتخاني چيو ته چيني ريڊ ڪراس، ڪمپنيون ۽ ماڻهو پاڪستان جي مدد ۾ اڳڀرائي ڪري رهيا آهن، چين ۾ زندگي جي هر شعبي جا ماڻهو پاڪستان جي مدد ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته ڏکيائي جي هن گهڙي ۾ چين مڪمل طور تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، چين ٻوڏ متاثرن لاءِ 90.2 ملين ڊالر امداد ڏني آهي.
سفارتخاني چيو ته چيني حڪومت 400 ملين ۽ چيني فوج 100 ملين جي امداد ڏني آهي، چيني عوام 125 ملين ۽ سفارتخاني 17 ملين امداد ڏني آهي، چيني ريڊ ڪراس سوسائٽي 201 ملين يوآن فراهم ڪيا آهن.