ملڪ ۾ ڊينگي بي قابو، ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو ڊينگي وگهي دم ڏئي ڇڏيو،
فوتين جو انگ وڌي 38 ٿي ويو، صحت کاتي موجب 24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪراچي ۾ ڊينگي وائرس جا 275 ڪيسز سامهون آيا آهن، اسلام آباد ۾ به ڊينگي جا وڌيڪ 104 ڪيسز رپورٽ،
هلندڙ سال متاثرن جو انگ وڌي 2 هزار 435 ٿي ويو،
خيبر پختونخواه ۾ به وڌيڪ هڪ ڄڻو ڊينگي وائرس وگهي فوت ٿي ويو،
انگ وڌي 8 ٿي ويو، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 415 ڪيسز سامهون اچي ويا،
متاثرن جو انگ وڌي 2 هزار 784 ٿي ويو.