سنڌ ۾ وبائي بيماريون برسات ۽ ٻوڏ سٽيل ماڻهن کان حياتيون کسڻ لڳيون، وڌيڪ 4 ماڻهو فوت،
اڪري چودڳي جي ڳوٺ الله بخش شر ۾ هڪ ورهين جو ٻارڙو غلام محمد شر گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو،
ڳوٺ بنگل زرداري ۾ 10 ورهين جي نويدان زرداري گيسٽرو سبب دم ڏئي ڇڏيو،
ٿاڻو بولا خان ڀرسان ڳوٺ تونگ واسي پيرسن سلطان لهاراڻي مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو،
نوشهرو فيروز جي وارڊ 12 ۾ پيرسن غلام حيدر سولنگي مليريا سبب فوت ٿي ويو.