سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهين سبب فوتين جو انگ 759 ۽ زخمين جو تعداد 8 هزار 422 ٿي ويو،
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته برسات سبب 22 لک 89 هزار 194 ڪٽنب متاثر ٿيا، 4 لک 34 هزار 238 چوپايو مال مري ويو، 73 لک 25 هزار 575 ماڻهو بي گهر ٿيا،
ڪراچي ۾ 16 هزار 128 متاثر رليف ڪيمپن ۾ ترسيل آهن،
24 ڪلاڪن دوران 68 هزار 900 ڪٽنبن کي راشن بيگ فراهم ڪيا ويا،
ٻوڏ صورتحال ۾ هيل تائين 11 لک 44 هزار 801 ڪٽنبن ۾ راشن بيگ ورهائجي چڪا آهن.