تحريڪ انصاف استعيفائن بابت آڊيو ليڪ تي جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي،
وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن جي پي ٽي آءِ بابت آڊيو ليڪس جو ٽرانسڪرپٽ به سپريم ڪورٽ ۾ جمع،
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن اسپيڪر سان گڏجي پي ٽي آءِ استعيفائن بابت فوجداري سازش ڪئي،
آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا وزيراعظم،
راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ، خواجا آصف ۽ اسپيڪر کان جاچ ڪري،
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سڀني ڌرين خلاف سازش تي فوجداري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.