پاڪستان

September 30, 2022 9:26 pm

افغانستان  مان دهشتگردن جي فائرنگ دوران  پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو

افغانستان  مان دهشتگردن جي فائرنگ دوران  پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان پهتو.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب افغانستان جي سرحد مان دهشتگردن پاڪ فوج جي جوانن کي نشانو بڻايو.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جهيڙيندي پاڪ فوج جو سپاهي جمشيد اقبال شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان دهشتگردن طرفان افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.

آءِ ايس پي آر موجب اميد آهي ته افغان حڪومت مستقبل ۾ اهڙين سرگرمين جي اجازت نه ڏيندي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي،  اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

وڌيڪ پڙهو: