وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ عالمي بينڪ جي منصوبن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 22 ملين ڊالرز جا تنبو ۽ ٻيو سامان خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ عالمي بينڪ جي منصوبن بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزير عذرا پيچوهو، ناصر شاهه ۽ عالمي بينڪ جي عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن جي متاثرن واري پروگرام ذريعي هڪ لک تنبو، 3 لک مڇردانيون ٻيو سامان خريد ڪيو ويندو.
هن چيو ته ٻوڏ متاثر آبادگارن کي فصلن جي پوکي ۾ سهڪار لاءِ 27 فنڊز رکيا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته ، ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گهرن جي اڏاوت لاءِ 500 ملين ڊالرز خرچ ٿيندا.