وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم هائوس مان سائفر جي ڪاپي غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ سفارتي سائِفر سان لاڳاپيل آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ سفارتي رڪارڊ جي چوري کي آئين، قانون ۽ سيڪريٽ ايڪٽ جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو.
اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ڪابينا جي جاچ ڪميٽي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، وفاقي وزيرن ۽ پرنسپل سيڪريٽري خلاف جاچ ڪري قانوني ڪارروائي جو تعين ڪندي.
ڪميٽي ۾ پرڏيهي وزارت، گهرو ۽ قانون واري وزارت جا وزير شامل هوندا، اتحادي جماعتن جا نمائندا به ڪميٽي جو حصو هوندا.
وفاقي ڪابينا ريڪوڊڪ منصوبي جو ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ موڪلڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.