فيض گنج ۾ ٽائون ڪميٽي جي آفيس تي اينٽي ڪرپشن ٽيم ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
اينٽي ڪرپشن ٽيم جي ڇاپي دوران ٽائون ڪميٽي جو عملو کسڪي ويو، اينٽي ڪرپشن ٽيم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇنڊڇاڻ شروع ڪري ڇڏي.
اينٽي ڪرپشن عملدار جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي ڇاپو هنيو.
هن چيو ته ڇاپي دوران رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي پئي وڃي.