سنڌ

September 30, 2022 6:00 pm

آبادي جي حساب سان ڪراچي ۾ ڏوهه گهٽ آهن:سنڌ پوليس

سينيٽ جي گهرو ڪميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ پوليس ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ ڏوهن جو انگ آبادي جي لحاظ کان گهٽ آهي.

ڪراچي ۾ وڌندڙ واقعن تي بريفنگ دوران سنڌ پوليس جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ وڏي تعداد ۾ مهاجر اچي رهيا آهن، آبادي جي لحاظ کان ڪراچي ۾ ڏوهن گهٽ آهن.

سنڌ پوليس جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ قتل اڪثر ذاتي دشمني سبب ٿيندا آهن، ڪراچي ۾ ماڻهو وزيرستان ۽ اندرون سنڌ دشمني آڻيندا آهن.

بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته هڪ وقت هو جڏهن ڪراچي مان روزانو 48 لاش مليا هئا، هلندڙ سال هن وقت تائين 396 ڄڻا مارجي ويا آهن.

سنڌ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هن وقت رڳو اسٽريٽ ڪرائم وڏو مسئلو آهي، شهر مان هر سال 49 هزار موٽرسائيڪلون چوري ٿين ٿيون، آبادي جي لحاظ کان ڪراچي ۾ لاهور ۽ پشاور کان گهٽ ڏوهن جو شڪار آهي.

سينيٽر فوزيه رشيد چيو ته مان انهن انگن اکرن کي نٿو مڃي، مان نه ٿو مڃان.

چيئرمين ڪميٽي چيو ته توهان جي ڊيٽا ۾ تضاد آهي

وڌيڪ پڙهو: