اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري سڪرنڊ جي ٻوڏ متاثر رليف ڪيمپ جو دورو ڪري متاثرن سان ملاقات ڪئي.
آصفه ڀٽو زرداري ڳوٺ مستي خان چانڊيو ۾ قائم رليف ڪيمپ جو دورو ڪري متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ متاثر عورتن ۽ ٻارڙن جا مسئلا به ٻڌا.
ان موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته غير معمولي برساتن بعد آيل ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون ۽ ٻارڙا ٿيا آهن.
هن چيو ته رليف ڪيمپن ۾ رهائش دوران ۽ بعد ۾ به اسان کي ٻوڏ متاثر عورتن ۽ ٻارڙن تي ڌيان ڏيڻو آهي، ڇو ته اهي ڪمزور هوندا آهن.