سنڌ

September 30, 2022 5:28 pm

عمران خان اقتدار جي حوس ۾ قوم کي بيوقوف بڻايو:شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي سُڌ سماءُ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته، عمران خان اقتدار جي حوس ۾ قوم کي بيوقوف بڻايو، آڊيو ليڪس ٿيڻ بعد نيازي هاڻي عوام آڏو وائکو ٿي چڪو  آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان  ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ لاءِ هر  حد پار ڪري سگهي ٿو، هي شخص ملڪي سالميت ۽ قومي ادارن سان کيڏي رهيو آهي.

هن چيو ته عمران خان سان اڄ به لاڏلن جيان سلوڪ ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ايتري ڍر ناهي ملي جيتري هن شخص کي ملي آهي.

صوبائي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي انا خاطر قومي سلامتي کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته عمران خان ماضي ۾ غير موثر پرڏيهي پاليسي ذريعي دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، بلاول ڀٽو زرداري دنيا سان پاڪستان جا لاڳاپا بهتر ڪري رهيو آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي وقت سياست جو نه پر ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڄي دنيا آڏو ٻوڏ متاثرن جو ڪيس پيش ڪيو آهي.

هن چيو ته  سنڌ حڪومت 10 لک 60 هزار 771 خاندانن کي راشن ۽ 3 لک 62 هزار 744 خيما ٻوڏ متاثرن کي فراهم ڪري چڪي آهي.

وڌيڪ پڙهو: