لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس جي شاگردن ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.
قائد عوام يونيورسٽي ڪيمپس جي شاگردن شبير باجڪاڻي، زاهد جاگيراڻي، وزير ڏاهاڻي، راشد گجراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڪنڌڪوٽ ڪشمور پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙ شاگردن چيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي ڦر، قتل ۽ اغوا جون وارداتن سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي پر پوليس هٿ تي هٿ رکي ويٺل آهي.
شاگردن سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي کان مطالبو ڪيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ امن قائم ڪري عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.