رانديون

September 30, 2022 4:18 pm

ٽي 20 ورلڊ ڪپ کيڏندڙ ٽيمن کي ڪيترا پئسا ملندا؟

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مردن جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022 لاءِ انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ سي سي موجب ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم کي 16 لک آمريڪي ڊالر جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي 8 ملين ڊالر ملندا.

ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ هارندڙ ٽيمن کي چار ڪروڙ آمريڪي ڊالر ڏنا ويندا.

سپر 12 اسٽيج ۾ هر کٽيندڙ کي 40 هزار آمريڪي ڊالر ملندا جڏهن ته هن اسٽيج مان نڪرندڙ 8 ٽيمن کي 70 لک 70 هزار آمريڪي ڊالر ملندا.

آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته هن مرحلي ۾ 30 ميچون کيڏيون وينديون.

آءِ سي سي موجب پهرين رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ٿيندڙ هر ٽيم کي 40 هزار آمريڪي ڊالر ملندا.

ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ ڪل انعامي پول 5.6 ملين ڊالر آهي.

واضح رهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ آڪٽوبر کان آسٽريليا ۾ شروع ٿيندو.

وڌيڪ پڙهو: