اهم خبرون

پاڪستان

September 30, 2022 4:00 pm

آڊيو ليڪس کانپوءِ سڀ اڇا ڪارا واضح ٿي چڪا آهن:وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جـِي آڊيو ليڪس کي پاڪستان خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته آڊيو ليڪس کانپوءِ سڀ اڇا ڪارا واضح ٿي چڪا آهن،

عمران خان جو سازشي بيانيو سڀني آڏو اچي چڪو آهي، اڳوڻو وزيراعظم پنهنجي سيڪريٽري کي چوي ٿو ته آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو،

رڳو کيڏڻو آهي، عمران خان جي اهڙي حرڪت کانپوءِ سموري قوم جا ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويا آهن،

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ اڄ به سڀني سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهيان،

پاڪستان 75 سالن ۾ وڏا زخم برداشت ڪيا آهن پر عمران خان سازشي ماڻهو آهي،

اهو نٿو چاهي ته پاڪستان ترقي ڪري ۽ خوشحالي ٿئي، ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر ڇا ڪجي، آءِ ايم ايف نڪ ۾ ناڪيلي وجهي پروگرام منظور ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: