اهم خبرون

پاڪستان

September 30, 2022 3:21 pm

”مان ڪنهن جي وات مان آمريڪا جو نالو ٻڌڻ نٿو چاهيان“، عمران خان جو هڪ ٻيو آڊيو ليڪ

آمريڪي سائفر جي حوالي سان عمران خان ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ٻي مبينا آڊيو سامهون اچي وئي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آڊيو ۾ عمران خان پارٽي اڳواڻن شاهه محمود قريشي،

اسد عمر ۽ اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان کي هدايتون ڏئي رهيو آهي،

آڊيو ۾ عمران خان، شاهه محمود قريشي کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته اڇا شاهه جي اسان کي ،

اعظم خان ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي گڏجي ميٽنگ ڪرڻي آهي،

ميٽنگ ۾ ان ليٽر تي چپ ڪري مرضيءَ جا منٽس لکي ڏيڻا آهن،اعظم خان چوي ٿو ان کي منٽس ٺاهيون ٿا ۽ فوٽو اسٽيٽ ڪرائي رکي ٿا ڇڏيون،

آڊيو ۾ اعظم خان چوي ٿو ته سائفر 8 يا 9 تي؟، عمران خان جواب ڏئي ٿو ته ميٽنگ 7 تي ٿي هئي،

ان اشو تي پليز ڪنهن جي واتان ملڪ جو نالو نه نڪري، جنهن ملڪ کان ليٽر آيو  آهي،

ان جو نالو ناهي وٺڻو، آڊيو ۾ اسد عمر چوي ٿو ته اوهان ڄاڻي واڻي هن کي ليٽر چئو ٿا،

هي ليٽر نه ٽرانسڪرپٽ آهي، عمران خان اسد عمر کي ٽوڪيندي چيو ته اهو ئي آهي،

عام ماڻهو کي ته ٽرانسڪرپٽ سمجهه ۾ نه ايندو، پبلڪ جلسي ۾ ائين ئي چوندا آهيون.

وڌيڪ پڙهو: