اهم خبرون

پاڪستان

September 30, 2022 2:53 pm

پي ٽي آءِ سينيٽرز ايون مريم نواز جي فيلڊ ريفرنس ۾ بريت کي اين آر او قرار ڏئي ڇڏيو

پي ٽي آءِ سينيٽرز مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بريت کي اين آر او قرار ڏئي ڇڏيو،
سينيٽ ۾ ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي اپوزيشن پاران شديد گوڙ ڪري ٽوڪن احتجاج ڪيو ويو، مخالف ڌر اڳواڻ شهزاد وسيم چيو ته اين آر او ٽو جَي نتيجي ۾ وڏيون وڏيون چوريون، سزائون ۽ ڪيسز معاف ڪيا پيا وڃن.
سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته هتي ڪوبه قانون نه آهي، ڪالهه مريم نواز کي بري ڪيو ويو، چور ۽ چوڪيدار پاڻ ۾ ملي ويا آهن.
سينيٽر فيصل جاويد چيو ته 73 رڪني ڪابينا آهي پر وزير نٿا اچن، سڄي ڪابينا اچي وئي ته سينيٽ هال ۾ ميمبرن جي ويهڻ لاءِ به جاءِ نه ملندي.
سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهزاد وسيم کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي اپوزيشن سخت گوڙ ڪيو ۽ ٽوڪن احتجاج به رڪارڊ ڪرايو.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي رولنگ ڏني ته ڪنهن جي به داداگيري هلڻ نه ڏيندس، ايوان پنهنجي طريقي سان هلائيندس.
ايوان ۾ ڳالهائڻ جو موقعو ملڻ تي شهزاد وسيم چيو ته اين آر او ٽو جَي نتيجي ۾ وڏيون وڏيون چوريون معاف ڪيون پيون وڃن، سزائون ۽ ڪيسز معاف ڪيا پيا وڃن، اهي مڃين ٿا ته اها ملڪيت اسان جي آهي، مني ٽريل ناهي.
اعظم نذير تارڙ ڳالهائيندي چيو ته 56 ٻڌڻين کانپوءِ مريم نواز بري ٿي، باقي به آزاد ٿيندا، هِنن جو هٿ ٺوڪيو ۽ سازش وارو بيانيو ڪوڙو ثابت ٿيو آهي.
وفاقي وزير پي ٽي آءِ ميمبرز کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان بيگناهه ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو، ان حوالي سان اوهان خلاف ڪارروائي ٿيندي، سينيٽ چيئرمين اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ پڙهو: