رانديون

September 30, 2022 1:31 pm

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ڇهين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جي ڇهين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ اڄ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي.

ميچ پاڪستاني وقت موجب شام 7:30 وڳي شروع ٿيندي. ڪرڪيٽ جا مداح ميچ لاءِ پرجوش آهن جڏهن ته ميچ جون سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن.

ستن ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي ٽن ٻن جي سرسي حاصل آهي، جيڪڏهن پاڪستان اڄ جي ميچ کٽي ته سيريز پنهنجي نالي ڪري وٺندو.

واضح رهي ته انگلش ٽيم ڪپتان جوس بٽلر سميت ڪيترن ئي ٽاپ رانديگرن جي خدمتن کان محروم آهي.

وڌيڪ پڙهو: