بين الاقوامي

دنيا

September 30, 2022 1:28 pm

ڪابل ۾ تعليمي اداري تي آپگهاتي حملو، 19 ڄڻا مارجي ويا

افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا مارجي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ آپگهاتي بمبار هڪ تعليمي اداري کي نشانو بڻايو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪابل جي علائقي دشت برچي ۾ واقع ڪج ايجوڪيشن سينٽر نالي هڪ تعليمي اداري ۾ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

افغان طالبان جي حڪومت تعليمي اداري تي آپگهاتي حملي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

گذريل جمعي ڏينهن ڪابل جي وزير اڪبر خان مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.

وڌيڪ پڙهو: